اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪ??ر چئون ٿا، سندس دوري دوران ساڻس ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ ٻنهي قومن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاران ايڪس تي پاڪستان پهچڻ ۽ نور خان ايئربيس تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين پاران استقبال جي ??صويرن سان گڏ ڪيل پوسٽ جي ??واب ۾ کيس مخاطب ڪندي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته توهان جي ??وري سان امن، خوشحالي ۽ علائقائي ترقي جي ??سان جي ??زم کي وڌيڪ سگهه ملندي. وزيراعظم چيو اچو ته گڏجي پاڪستان ۽ ملائيشيا ??و مستقبل روشن ڪريون.