اسلام آباد -23 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقويءَ سعودي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سعودي عرب جي شاهي خاندان ۽ عوام لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير سعودي سفير سان مُلاقات ۾ سعودي عرب جي قومي ڏينهن تي سفير کي مبارڪون ڏنيون. وفاقي وزير مشڪل جي هر گهڙي ۾ ڀرپور سهڪار تي سعودي عرب جي حڪومت ۽ سفير جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سعودي عرب هر آزمائش ۾ ??اڪ??تان جو پو??و ساٿ ڏنو آهي، ٻوڏ هجي يا زلزلو، معاشي ڏکيائيون يا ڪو ٻيو معاملو سعودي عرب جي ڀرپور سهڪار جو مثال نٿو ملي. محسن نقوي چيو ته سعودي عرب سان هر مسلمان کي خاص عقيدت آهي. هن چيو ته سعودي عرب مشڪلاتن ۾ ??اڪ??تان سان ڀرپور ساٿ نڀايو آهي، هر ??اڪ??تاني کي سعودي عرب سان تاريخي دوستي تي فخ?? آهي، سعودي سفير چيو ته ??اڪ??تان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏيون ٿا، ??اڪ??تان اسان جو برادر ملڪ آهي.