اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو سڀ کان ??ڏو اثاثو باصلاحيت نوجوان آهن، پاڪستان ۾ راندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ حڪومت جي تر??يح آهي ، مڪس مارشل آرٽس شعبي ۾ پاڪستان جي حڪومت فيڊريشن سان ??ڪمل تعاون ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ??ڪس مارشل آرٽس فيڊريشن جي عهديدارن ۽ رانديگرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ صدر پاڪستان ??ڪس مارشل آرٽس فيڊريشن عمر احمد، چيمپيئنز ايمان خان، بانو بٽ، بريو ڪامبيٽ فيڊريشن ونرز رضوان علي، ضياءَ مشواڻي ۽ اسماعيل خان شامل هئا. ان ??وقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميش?? ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، بدر شهباز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو سڀ کان ??ڏو اثاثو پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان آهن، انٽرنيشنل مڪس مارشل آرٽس فيڊريشن ايشيئن چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان جي رانديگرن 12 ميڊل کٽي ملڪ ۽ قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو، منهنجي ڀرپور خواهش آهي ته پاڪستان جا رانديگر ائين ئي عالمي سطح تي مقابلن ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪندا رهن، توهان سڀني ??انديگرن سان ??لي دلي خوشي ٿي، توهان ??اڪستان جو قيمتي سرمايو آهيو، توهان سڀني ??ي صلاحيتن کي ڏسي اطمينان ??ئي ٿو ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي. هن چيو ته مڪس مارشل آرٽس جي شعبي ۾ پاڪستان جي حڪومت فيڊريشن سان ??ڪمل تعاون ڪندي، پاڪستان ۾ راندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ حڪومت جي اولين تر??يح آهي. وزيراعظم چيو ته خادم پاڪستان جون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ، راندين جي مقابلن ۽ رانديگرن جي سليڪشن جي لاءِ شفافيت يقيني ??ڻائڻ جهڙا قدم کنيا. هن چيو ته بطور وزيراعظم آئون پنهنجو اهو فرض سمجهان ??و ته پاڪستان جي رانديگرن جي عالمي مقابلن ۾ شرڪت جي لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪئي وڃي، مڪس مارشل آرٽس فيڊريشن پاران ??اڪستان ۾ عالمي مقابلا منعقد ڪرڻ ساراهه جوڳو قدم آهي. ان ??وقعي تي وزيراعظم کي تازو ئي فيڊريشن ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي تعاون سان ??نعقد مڪس مارشل آرٽس جي عالمي مقابلن بابت آگاهه ڪيو ويو جن ۾ 18 ملڪن مان 300 ايٿليٽس حصو ورتو، پاڪستاني ??يٿليٽس 4 سلور ميڊلز پڻ حاصل ڪيا جڏهن ته پاڪستان جي ٻن عورت فائٽرز گولڊ ميڊلز کٽيا. گولڊ ميڊلز کٽيندڙ رانديگرن ۾ ايمان خان ۽ بانو بٽ کانسواءِ ٻين رانديگرن وزيراعظم کي پنهنجي پنهنجي ڪارڪردگي بابت ٻڌايو. وزيراعظم کي مڪس مارشل آرٽس جي شعبي جي ترقي جي لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي تجويزن تي غور ڪرڻ ۽ مشاورت ڪري جلد عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.