لنڊن – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ دولت مش????ڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران نائب وزيراعظم دولت مش????ڪه سان پاڪستان جي وابستگي ۽ پائيدار ترقي جي ايجنڊا ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس (CAYA) سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ ۾ سيڪريٽري جنرل جي حمايت تي ٿورا مڃيا. دولت مش????ڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان جي دوري دوران م??ند?? مهمان نوازي کي ياد ڪندي پاڪستان سان موسمياتي تبديلي ۽ نوجوانن جي مسئلن تي تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ساموآ ۾ دولت مش????ڪه سربراهي اجلاس کان اڳ گڏيل ترجيحن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم ناليواري پاڪستاني مصور اجاب خان جي پيٽنگ ڪامن ويلٿ سيڪريٽريٽ کي پيش ڪئي.