اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا چين پاڪستان لنگهه تحت مين لائين ون منصوبي جي اپ ??ريڊيشن جي لا??ِ پهرين مرحلي تي مالياتي خاطري جي حوالي سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ۽ انهن کي عبرت جو نشان بڻائڻ جي لا??ِ پوري قوم پرعزم آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. و??ير??عظم ڪابينا کي پنهنجي گذريل ڏينهن جي ڪوئيٽا جي دوري جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو. و??ير??عظم چيو ته بلوچستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بشمول پوليس ۽ ليويز جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ۽ انهن کي عبرت جو نشان بڻائڻ جي لا??ِ پوري قوم پرعزم آهي. و??ير??عظم چيو ته بلوچستان جي صوبائي حڪومت بلوچ نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، انهن جي تر??ي ۽ خوشحالي جي لاءِ ساراهه جوڳا قدم کڻي رهي آهي. وفاقي حڪومت بلوچ نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ هڪ جهڙي تر??ي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ بلوچستان حڪومت سان مڪمل تعاون ڪندي، وفاقي ڪابينا چين پاڪستان لنگهه جي اهم منصوبي مين لائين ون جي اپ ??ريڊيشن جي لاءِ چين ۽ پاڪستان جي ريلويز جي وچ ۾ ايم ايل ون جي پهرين مرحلي تي مالياتي خاطري جي حوالي سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا هدايت ڪئي ته حتمي معاهدو منظوري جي لاءِ ڪابينا آڏو ٻيهر پيش ڪيو وڃي. ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 29 آگسٽ 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.