اسلام آباد -19 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق 19 آگسٽ 2014ع تي پارليامينٽ جو گهيراءُ ڪرڻ کي ??مه??ريت خلاف هڪ سازش قرارڏيندي چيو آهي، ته ان واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آ??ي. ??ارليامينٽ جي عزت ۽ توقير ۽ حفاظت اسان سڀني تي لازم آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارليامينٽ تي حملي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 19 آگسٽ 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ ۾ ڪاري ڏهاڙي طور ياد رکيو ويندو. 10 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن پارليامينٽ هائوس جو گهيراءُ ۽ ان تي حملو ڪيو ويو. اها ??مه??ريت خلاف سازش هئي، ان حملي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ ملڪ جو اعليٰ ترين ادارو، ??مه??ريت جو بنياد ۽ عوامي خواهشن جو ترجمان آ??ي. ??لڪ جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي پارليامينٽ جي مضبوطي سان جڙيل آ??ي. ??ن چيو ته پارليامينٽ جي عزت، توقير ۽ حفاظت اسان سڀني تي لازم آ??ي. ??ن چيو ته 19 آگسٽ 2014ع تي ڏڦيڙ پکيڙيندڙ عنصرن پارليامينٽ تي حملو ڪري ان جو تقدس پائمال ڪيو، ڪنهن کي به اهڙن قدمن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، اهو حملو نه رڳو ??مه??ريت پر رياست جي بنيادي ٿنڀن تي حملو هو. اسپيڪر ان وقت جي حڪومت ۽ پارليامينٽ جي دفاع لاءِ آواز اٿاريندڙ سياسي پارٽين جي ڪردار کي به ساراهيو ۽ چيو ته 2014ع جي پرتشدد مظاهرن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ کي ??قص??ن پهچايو ۽ ان سبب چين جي صدر کي پنهنجو طئي ٿيل دورو ملتوي ڪرڻو پيو. سردار اياز صادق چيو ته ملڪي مسئلن کي حل ڪرڻ جو ??احد رستو ??مه??ريت ۽ پارليامينٽ سان لاڳاپيل آ??ي. ??ن چيو ته پارليامينٽ ۽ ??مه??ريت کي مستحڪم ڪرڻ جي هميشه ڪوشش ڪندو رهندس، عوام جي ڀلائي پهرين ترجيح آهي ۽ پارليامينٽ اهو فرض ادا ڪرڻ لاءِپرعزم آهي.