اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي ۾ ضابطي وار?? سڌارن تي اثرائتي نموني عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه جيڪب ڪارڊوا اينڊ ايسوسيئيٽس جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اسڪاٽ جيڪب سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن جا آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ مجموعي ضابطا جاتي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي حوال?? سا?? سڌارن تي ڳالهيون ٿيون. اسڪاٽ جيڪب ريگيوليٽري نظام کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ جامع تجويزون ڏنيون. هن ان حوال?? سان بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ معياري طريقيڪار جي تجويز به ڏني. ناڻي واري وزير سڌارن جي اهميت جي تائيد ڪندي انه?? سڌارن تي موثر نموني عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ڳالهين ۾ انهن شعبن جو به خاص طور تي ذڪر ڪيو ويو جتي ضابطا جاتي فريم ورڪ جي حوال?? سا?? سڌارا ضروري آهن. ڌرين ضابطا جاتي سڌارن لاءِ ڍانچا جاتي طريقيڪار اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.