ڪراچي -05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جون سسموريون اٽڪلون آزمائي چڪو آهي، پر مظلوم ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد کي دٻائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ثابت ٿي چڪو آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان مطابق پي پي ??ي جي چيئرمين يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پي??ام ۾ چيو ته ڀارت پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي رد ڪرڻ ذريعي دنيا کي اهو پي??ام ڏنو ته هو رياستي ظلم تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته ڀارت جي ڄاڻايل قدمن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميرين جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران کنيل قدمن گڏيل قو??ن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سمورن عالمي فورمن تي ڪشميري عوام جي حقن جي وڪالت جي پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي. اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪيون ٿا ته اها ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کڻي ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حقن جي حمايت گڏيل قو??ن جي ٺهرائن تحت ڪري.