اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي صورتحال مستحڪم آهي جنهن کي برقرار رکنداس??ن، ايف بي آر ۾ چوري ۽ بدعنواني روڪڻ لاءِ ان جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ان کي ڊيجيٽلائز ڪري رهيا آهيون، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 3 سالن ۾ 13 سيڪڙو تائين کڻي وينداس??ن، نان فائلرز جي ڪيٽيگري نه هوندي، هر هڪ کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو ??ظهار ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ جي ميڪرواڪنامڪ صورتحال مستحڪم آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽجي رهيو آهي، مالياتي خسارو ڪنٽرول ۾ آهي، ڪرنسي گذريل ڇهه ست مهينن کان مستحڪم آهي، فارن ايڪسچينج ريزروز 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهن جيڪي ٻن مهينن جي امپورٽ بل کي ڪور ڪري رهيا آهن، ناڻي واڌ کي اسان 38 سيڪڙو کان گهٽائي 11 سيڪڙو تائين آندو آهي، ملڪ ۾ معاشي استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي جنهن کي برقرار رکنداسين. هن چيو ته هن وقت اسانجي ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح 9 سيڪڙو آهي جنهن کي ٽن سالن ۾ 13 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻو آهي. ايف بي آر ۾ خامين کي ختم ڪرڻ ۽ چوري ۽ بدعنواني روڪڻ لاءِ ان جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ان کي ڊيجيٽيلائز ڪيو پيو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته نان فائلرز جي ڪا ڪيٽيگري نه هوندي، سڀني کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو، ر??ٽيلرز ۽ ريئل اسٽيٽ جو ??يڪس نيٽ وڌائينداسين. هن چيو ته بجيٽ ۾ ضرورتمند طبقي جي مفادن جو ??يال رکيو ويو آهي، خساري سان هلندڙ رياستي ادارن جي نجڪاري جو ??مل ٽن سالن ۾ مڪمل ڪنداسين. هن چيو ته ايس او ايز ۽ پاور سيڪٽر جا سڌارا پڻ اسان جي ايجنڊا جو ??صو آهن.