اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ سفارتڪار عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، سفارتڪاري جي شعبي ۾ پاڪستاني عورت سفارتڪارن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اتفاق راءِ سا?? هر سا?? 24 جون تي سفارتڪاري ۾ عورتن ج?? ڪردار جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو. نائب وزيراعظم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽائيم لائين تي لکيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پاڪستاني عورتن جو سفارتڪاري جي ميدان ۾ شاندار ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته بيگم رعنا لياقت علي خان، محترمه شائسته اڪرام ا??له?? محترمه بينظير ڀٽو جهڙين ٻين ڪيترين ئي اهم عورتن رڪاوٽون ٽوڙي سوين عورت سارتڪارن جي لاءِ راهه هموار ڪئي جيڪي عالمي سطح تي وقار سا?? گڏ پاڪستان جي نمائندگ?? ڪري رهيون آهن. نائب وزيراعظم عورت سفارتڪارن کي ساراهيو ۽ انهن جي خدمتن ۽ تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيا.