بيجنگ – 14 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سي آءِ ڊي سي اي) جي چيئرمين لوزائو هو سان مانجهاندي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين پاڪستان خاص طور تي گوادر جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ سي آءِ ڊي سي اي جي مختلف منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي نيو گوادر عالمي هوائي اڏي جي ترقي ت?? پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسحاق ڊار چيو ته نيو گوادر عالمي هوائي اڏي جي هن سال مڪ??ل ٿيڻ ۽ افتتاح جي اميد آهي. هن پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ چين جي حمايت ۾ س?? آءِ ڊي سي اي جي اهم ڪردار کي ساراهيو. سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين منصوب?? کي جلد لاڳو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته منصوب?? کي جلد لاڳو ڪرڻ سان سي پيڪ جي اپ گريڊ ورزن جي گڏيل ويز?? کي فروغ ملندو.