لاهور-11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستاني هاڪي ٽيم جي رانديگرن کي عمده ڪارڪردگي تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته رانديگرن ٽورنامينٽ دوران شاند??ر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي، جاپان خلاف به پاڪستاني ٽيم فائنل ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته کٽڻ ه??را??ڻ راند جو حصو آهي، قومي هاڪي ٽيم سڄي قوم جا دل کٽيا آهن. هن چيو ته ڊگهي وقت کان پوءِ پاڪستان قومي راند جي هن اهم ٽورنامينٽ جي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي جيڪو سٺو سنوڻ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته حڪومت راندين خاص ڪري هاڪي کي هٿي وٺائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.