اسلام آب??د – 27 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز ش??يف ٽانڪ ڊيره اسماعيل خان ۽ ب??غ ضلعي خيبر ۾ پاڪ فوج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين جڏهن ته شهادت ماڻيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وز??راعظم ب??غ ضلعي خيبر ۾ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ 5 جوانن نائيڪ محمد اشفاق بٽ، لانس نائيڪ سيد دانش افڪار، سپاهي تيمور ملڪ، سپاهي نادر صغير ۽ سپاهي محمد ياسين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪ فوج جي جوانن پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ دهشتگرد عنصرن جي خاتمي لاءِ ڪارروائي ڪئي، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. وز??راعظم چيو ته مون سميت پوري قوم شهيدن جي گهرڀاتين کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ملڪي سلامتي کي سدائين پنهنجي جانين تي فوقيت ڏني. وز??راعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.