اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي حڪومت سمورن علائقن ۽ خطن جي مقامي زبان، ادب ۽ ثقافت کي وڌيڪ فروغ ڏيندي، ڏکڻ پن??اب ۽ اتان جي ثقافت، فنون ۽ ادب جي ترقي سدائين اولين ترجيح رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سرائيڪي ڪلچر ۽ سرائيڪي اجرڪ ڊي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڏکڻ پن??اب ۽ اتان جي ثقافت، فنون ۽ ادب جي ترقي سدائين اولين ترجيح رهي آهي. اسان جي حڪومت سمورن علائقن ۽ خطن جي مقامي زبان، ادب ۽ ثقافت کي وڌيڪ فروغ ڏيندي. وزيراعظم چيو ته سرائيڪي وسيب جا سمورا رنگ خوبصورت ۽ منفرد تهذيب ۽ تمدن جا امين آهن، ”سرائيڪي ز??ان ڏاڍي مٺي ز??ان آهي“. سرائيڪي ز??ان ڏکڻ پن??اب ئي نه، بلوچستان ۽ ڀارت ۾ پڻ ڳالهائي وڃي ٿي. هن چيو ته ادب، شاعري ۽ موسيقي ۾ سرائيڪي ۽ ان سان واڳيل اهل علم ۽ قلم جو وڏو حصو آهي. سرائيڪي ڪلچر، تهذيب ۽ تمدن سنڌو درياءَ جي هزارين سال قديم تهذيب سان ڳنڍيل آهي. وزيراعظم چيو ته حضرت بهاءُ الدين ذڪريا، حضرت شاهه رڪن عالم، خواجه غلام فريد، محمد سلمان تونسوي، سخي سرور، شاهه شمس تبريز جهڙن ديني بزرگن ۽ صوفين سرائيڪي ز??ان جي شان وڌائي. پاڪستان جي هر خطي جي تهذيب ۽ ثقافت جي فروغ تي يقين رکون ٿا.