اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ايئرپورٽس جي آئوٽ سورسنگ بابت اسٽيئرنگ ڪميٽ?? جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير، قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وزير (ٽيليفون تي) شرڪت ڪئي. هواباز?? واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب ان کانسواءِ هواباز?? واري وزارت ۽ قانون ڊويزن واري ڊويزن جي سيڪريٽريز، هوابازي، پرڏيهي معاملن واري، ناڻ?? واري وزارت جي سينيئر سرڪاري عملدارن ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ??يف سي) پڻ شرڪت ڪئي. ڪنٽري ڊائريڪٽر آءِ ??يف سي هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ جي منصوبي تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائ?? جو ذڪر ڪيو ۽ ڪميٽي کي ٻڌايو ته امڪاني سيڙپڪارن سان م??لسل رابطي جي ڪيترين ئي ڪوششن جا مثبت نتيجا برآمد ٿيا آهن ۽ نئين سياسي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ?? سيڙپڪاري جي لاءِ ??يڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي. ان مقصد تحت قطر، گڏيل عربا مارات، جرمني، ترڪيه، نيدرلينڊ، ملائيشيا ۽ مقامي ڪمپنين جي عالم?? واڪ ڏيندڙن واڪ جمع ڪرائڻ جي مدي ۾ توسيع جي درخواست ڪئي آهي. پرڏيهي وزير ان اهم منصوبي جا ڪامياب نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??قتصادي سفارتڪاري ۽ تيز رفتار عمل جي ذريعي مصروف سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. دلچسپي رکندڙ واڪ ڏيندڙن جي درخواستن تي غور ڪندي ۽ آءِ ??يف سي جي ڀرپور سفارش جي بنياد تي ڪميٽ?? واڪ جمع ڪرائڻ جي تاريخ کي 60 ڏينهن جي لاءِ وڌائي 15 مئي 2024ع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي وزير کي يورپ ۽ برطانيا جي لاءِ پي آءِ ??ي جي اڏامن جي بحالي جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي تي وڌيڪ بريفنگ ڏني وئي ۽ ان اڳڀرائ?? جو نوٽيس وٺندي هن اقتصادي سفارتڪاري جي نئين اختيار ڪيل حڪمت عملي ۽ برطانيا ۽ يورپي يونين ۾ رهندڙ پاڪستانين سميت وسيع تر عوامي مفاد ۾ پرڏيهي آفيس پاران مڪمل سفارتي تعاون جي خاطري ڪرائي.