اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سامونڊي ۽ سمنڊ کان ٻاهر تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، پ??ٽر??ليم ڪانفرنس پاڪستان جي بي پناهه مع??ني صلاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته جيئن توانائي ۾ پاڻڀرائپ کي يقي??ي بڻائي سگهجي ۽ ملڪ کي توانائي جي هڪ علائقائي برآمد ڪندڙ ۾ تبديل ڪري سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پ??ٽر??ليم ڪانفرنس 2024ع ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ڪانفرنس جو خاص مهمان هو. صوبائي وڏن وزيرن، توانائي واري نگران وفاقي وزير، پ??ٽر??ليم واري سيڪر??ٽر??، حڪومتي نمائندن، پاليسي سازن، توانائي ۽ پ??ٽر??ليم سيڪٽر جي غيرملڪي ۽ ملڪي سيڙپڪارن ۽ عالمي نمائندن پڻ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي. هن سامونڊي ۽ سمنڊ کان ٻاهر تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم انفراسٽرڪچر جي ترقي، لاجسٽڪس ۽ سيڪيورٽي ۾ ڳولا ۽ پيداوار جي ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته هي ڪانفرنس پاڪستان جي بي پناهه مع??ني صلاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته جيئن توانائي ۾ پاڻڀرائپ کي يقي??ي بڻائي سگهجي ۽ ملڪ کي توانائي جي هڪ علائقائي برآمد ڪندڙ ۾ تبديل ڪري سگهجي. هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) ۽ توانائي واري وفاقي وزارت کي قاعدن ۽ ضابطن ۽ طريقيڪار کي هموار ڪري سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ کي ساراهيو. ڪويت فارن پ??ٽر??ليم ايڪسپلوريشن ڪمپني جي ڪنٽري مئنيجر علي طحيٰ التميمي پاليسي سفارشون جوڙڻ ۽ پ??ٽر??ليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ ڌرين کي گڏ ڪرڻ ۾ پاڪستان جي حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو.