اسلام ??باد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ زراعت کي هيٺئين سطح تي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم قرار ڏيندي ايس آئي ا??ف سي تحت مختلف ??نگ ميل حاصل ڪرڻ تي وزارتن ۽ ادارن جي گڏيل تعاون کي ساراهيو آهي ۽ مختلف قدمن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قومي ڪسان ڪنوينشن اسلام ??باد جي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ان موقعي تي خاص مهمان هو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ان موقعي تي اعزازي مهمان هو. تقريب ۾ نگران وفاقي وزيرن، زرعي ماهرن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم ايس آئي ا??ف سي تحت مختلف ??نگ ميل حاصل ڪرڻ تي وزارتن ۽ ادارن جي گڏيل تعاون کي ساراهيو ۽ مختلف قدمن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته زراعت هيٺئين سطح تي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير خطاب ڪندي زور ڏنو ته آبادگار اسان جي زرعي شعبي جي ڪرنگهي جي هڏي آهن. اهو توهان جي اڻٿڪ محنت، لگن ۽ عزم آهي جيڪو لکين پاڪستانين جي لاءِ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پوري قوم ۽ اسان توهان تي فخر ڪريون ٿا. هن چيو ته موسميا??ي تبديلي ۽ پاڻي جي کوٽ اهڙيون حقيقتون آهن ج??ڪي پاڪستان جي غذائي تحفظ جي لاءِ چئلينج آهن، ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ حڪومت ۽ عوام ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت آهي جيئن ايس آئي ا??ف سي تحت ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان تمام گهڻي صلاحيتن ۽ وسيلن سان مالامال آهي. اسان گڏجي الله جي فضل سان هن مشڪل وقت مان نڪري وينداسين ۽ هر شعبي ۾ پنهنجا هدف حاصل ڪنداسين، ايس آئي ا??ف سي جي سمورن قدمن سان پاڪستان کي معاشي بحران مان نڪرڻ ۾ مدد ملندي. اسان متحد ۽ پرعزم قوم طور پاڪستان کي هڪ ترقي پسند ۽ خوشحال مستقبل طرف وٺي وينداسين.