لاهور – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ س??لنگي پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي سان ملا??ات ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات وارو صوبائي وزير ع??مر مير پڻ موجود هو. ملا??ات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ميڊيا انڊسٽري جي مسئلن جي حل ۽ صحافتي برادري جي ڀلائي جي لاءِ قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مرتضيٰ س??لنگي پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي قيادت ۾ عوامي منصوبن جي تيز رفتاري سان تڪميل جي قدمن کي ساراهيو.