اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد لياقت علي خان کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ٻيو چونڊيل وزيراعظم بڻجي ويو آهي جيڪو پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي انتهائي منفرد انداز ۾ ٻيهر رڪارڊ ڪي?? قوم?? تراني جي اجراءَ جو سڀاڻي 14 آگسٽ تي افتتاح ڪندو. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ڊسمبر 1948ع ۾ سردار عبدالرب نشتر جي سربراهي ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪميٽي قوم?? تراني جي تياري تي ڪم شروع ڪي?? هو. احمد ڇاگلا جي تيار ڪي?? ڌُن کي پهريون ڀيرو وزيراعظم لياقت علي خان ۽ ڪميٽي جي ميمبرن آڏو پيش ڪي?? ويو هو. قوم?? تراني جي لاءِ قائم اسٽيئرنگ ڪميٽي 10 آگسٽ 1950ع تي ان ڌُن جي منظوري ڏني. آگسٽ 1954ع ۾ حفيظ جالنڌري جي لکيل ڪمپوزيشن کي باضابطا منظور ڪي?? ويو. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي دور ۾ آگسٽ 2017ع ۾ قوم?? تراني کي ٻيهر رڪارڊ ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ان مقصد جي لاءِ سمورين قومي اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪيا ويا. مريم اورنگزيب اپريل 2022ع تي اطلاعات واري وزارت جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جو ڪم تيزي سان شروع ڪي??. سينيٽر (ر) جاويد جبار جي سربراهي ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن جي ماتحت آڊيو، ويزيول ذيلي ڪميٽيون جوڙيون ويون. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سميت مختلف ادارن، کاتن ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شموليت سان ا??ا قومي ڪوشش مڪمل ٿي. هٿياربند فوج جي عوامي لاڳاپن واري اداري (آءِ ايس پي آر) جي حصيداري سان ٽنهي هٿياربند فوج جي براس بينڊز (سازينه) پڻ ان قومي ڪوشش ۾ شامل هئا. ان ۾ 155 گلوڪارن، 48 موسيقارن ۽ 6 بينڊ ماسٽرز شرڪت ڪئي. خاص ڳالهه اها آهي ته قوم?? تراني کي نئين سازينه سان بهترين عڪسبندي سان رڪارڊ ڪي?? ويو آهي ۽ ان کي پاڪستان جي سمورن ثقافتي، تهذيبي ۽ علائقائي رنگن جي قوس قزح بڻايو ويو آهي. اتحاد، اخوت ۽ علائقائي سڃاڻپن جو پيغام ڏنو ويو آهي.